بالي ووڊ جي فلمن ۾ ولين جي ڪردار کي نئين رنگ ۾ رنگيندڙ امريش پوري جي اڄ 13 ورسي ملهائي پئي وڃي

amrish puri

بالي ووڊ جي فلمن ۾ ولين جي ڪردار کي نئين رنگ ۾ رنگيندڙ امريش پوري جي اڄ 13 ورسي ملهائي پئي وڃي، پنهنجي منفرد اداڪاري ذريعي امريش پوري مداحن جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهي.

 22 جون 1932 ع ڌاري پنجاب جي شهر جالنڌر ۾ اک کوليندڙ امريش پوري پنهنجي ڪيرئير جو اسٽيج ٿيٽرز کان آغاز ڪيو.

 1987ع ۾ رليز ٿيل فلم مسٽر انڊيا ۾ مُغيمبو جي اڻ وسرندڙ ڪردار ذريعي هو شهرت جي بلندين تي پهچي ويو، سندس مشهور ڊائلاگ “ مُغيمبو خوش هوا ” هن جي پرستارن کان وسري نه سگهيو آهي.

ڪرن ارجن، ڪوئلا ، ڦول اور ڪانٽَي، پرديس سميت ٻين فلمن ۾ هن جا يادگار ڪردار ادا ڪيل آهن.

1967ع کان 2005 ع تائين هن 400 کان وڌيڪ ڀارتي فلمن ۾اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، بهترين اداڪاري تي کيس 3 ڀيرا فلم فيئر سميت مختلف ايوارڊز ڏنا ويا.

 امريش پوري بالي ووڊ کانسواءِ هالي ووڊ فلمن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، انڊيانا جونز اينڊ دي ٽيمپل آف دوم ۾هن بهترين ڪردار ادا ڪري فلم بينن کي حيران ڪيو.

12 جنوري 2005 ع تي 72 ورهين جي عمر ۾ هو ڪروڙين مداحن کي سوڳوار ڇڏي وڃِي مالِڪِ حقيقي سان مليو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*