تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اشتهارن ۾ روڊ ٺاهڻ سان ڪا قوم ترقي نه ڪندي آهي

imran khan peshawar

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اشتهارن ۾ روڊ ٺاهڻ سان ڪا قوم ترقي نه ڪندي آهي. ميرٽ اتي هوندو آهي، جتي ادارا مضبوط هوندا آهن.مون کي ڪي پي ڪي جي پوليس ڏسي خوشي ٿيندي آهي،

پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سسٽم بنا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ميرٽ اتي هوندو آهي، جتي ادارا مضبوط هوندا آهن.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو، اهو ڪنهن ٻئي صوبي حاصل نه ڪيو آهي،

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اشتهارن ۾ روڊ ٺاهڻ سان ڪا قوم ترقي نه ڪندي آهي.

هن چيو ته مون کي ڪي پي ڪي جي پوليس ڏسي خوشي ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته صوبي ۾ پوليس بهتر نموني ڪم ڪري رهي آهي،

عمران خان چيو ته خيبرپختنخواهه ۾ ميرٽ تي آءِ جي کي مقرر ڪيو ويو، شريف ڀائر 19 ورهين کان حڪومت ڪري رهيا آهن پر اتان جي پوليس ڏسو ڪهڙي سان ڪم پئي ڪري.

هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ 11 مان 10 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته قصور ۾ 12 ٻارڙن کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو، جيڪو  تمام گهڻو ڏکوئيندر واقعو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن بيروڪريسي کي ترتيب ڏني وڃي ته اها بهتر ڪم ڪري سگهي ٿي، جيڪي خانگي ادارا نٿا ڪري سگهن.

عمران خان چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو ويو آهي.ايندڙ سيزن ۾ 4 نوان ريسٽورنٽ سياحت لاءِ کوليا ويندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*