تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عائشه گلالئي چيو آهي ته عمران خان بي حيائي ۽ گانن جي ڪلچر جو باني آهي

aysha gul

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عائشه گلالئي چيو آهي ته عمران خان بي حيائي ۽ گانن جي ڪلچر جو باني آهي، طاهر القادري ماڻهن کي اڪسائڻ واري ڪلچر کي هٿي ڏئي رهيو آهي، جيڪو عمل معاشري جي تباهي جو سبب بڻجندو.

ايبٽ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته  عمران خان بي حياتي ۽ ناچ گانن جي ڪلچر جو باني آهي.

هن چيو ته طاهرالقادري ماڻهن کي اڪسائڻ واري ڪلچر کي هٿي ڏئي رهيو آهي، جيڪو هن معاشري لاءِ تباهه ڪرڻ برابر آهي.

عائشه گلالئي چيوته پاڪستان جي معاشري کي بهتر ڪرڻ لا3 تعليم کي هٿي ڏيارڻي پوندي. ٻي صورت ۾ زينب ۽ فيصل آباد ۾ نوجوان سان ٿيل زيادتي جا واقعا ٿيندا رهندا.

هن چيو ته نوازشريف قوم کي فوج ۽ عدليا خلاف نه وڙهائي، هي ادارو ئي پاڪستان کي بهتري طرف آڻي سگهي ٿو.

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ بي حيائي ۽ بدڪردار ليڊرن جو اڳواڻن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

عائشه گلالئي چيو ته سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن پٺيان هلڻ بدران عوام کي حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاريو وڃي ته جيئن معاشرو تباهي کان بچي سگهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*