جومانَجِي ويلڪم ٽو دي جنگل لاڳيتو ٻه هفتن کان هالي ووڊ باڪس آفيس تي ڇانيل آ هي، فلمي پنڊتن موجب هلندڙ هفتي فلم 3 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ ڪمائي وٺندي

jumanji

جومانَجِي ويلڪم ٽو دي جنگل لاڳيتو ٻه هفتن کان هالي ووڊ باڪس آفيس تي ڇانيل آ هي، فلمي پنڊتن موجب هلندڙ هفتي فلم 3 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ ڪمائي وٺندي.

هالي ووڊ سسپينس مووي جومانَجِي ويلڪم ٽو دي جنگل گذريل هفتي کان باڪس آفيس تي سر فهرست آهي.

 فلمي پنڊتن فلم جي هلندڙ هفتي به وڌيڪ 3 ڪروڙ 40 لک ڊالرز جي بزنس سان پهرين نمبر تي رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

رپورٽ موجب ميرل اسٽريپ ۽ ٽوم هانڪس جي دي پوسٽ 2 ڪروڙ 10لک ڊالرز جي بزنس سان ٻئي، 2 ڪروڙ ڊالرز جي ڪمائي سان پيڊنگٽن جَي ٽئين نمبر تي رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.

پرائوڊ ميري چوٿين ۽ اسٽار وار سيريز جِي دي لاسٽ جيدي جَي پنجين نمبر تي رهڻ جو امڪان آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*