حافظ آباد ۾ وڪيلن ۽ ٽراما سينٽر جي عملي وچ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل 6 ڄڻن جو علاج جاري آهي

hafizabad doc aen wakeel jhero

حافظ آباد ۾ وڪيلن ۽ ٽراما سينٽر جي عملي وچ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل 6 ڄڻن جو علاج جاري آهي، جن مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته وڪيلن پاران ايف آءِ آر داخل نه ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽرن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

گذريل ڏينهن ٽراما سينٽر حافظ آباد ۾ مريض جي وارثن ۽ ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ۾ ڏند چڪ ٿيا، جنهن بعد وڪيلن پهچي جهيڙو ڪيو.

ٽراما سينٽر جي عملي ۽ وڪيلن وچ ۾ جهيڙي دوران ٽراما سينٽر جي عملي جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

واقعي کي هڪ ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته وڪيلن پاران ايف آءِ آر داخل نه ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽرن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

ٻي طرف ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*