دادو ۾بئنڪ مان ليڊي ٽيچرس جون چوري ڪيل پگهارون واپس نه ٿيڻ خلاف استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu chori

  دادو ۾بئنڪ مان  ليڊي ٽيچرس جون  چوري ڪيل پگهارون واپس نه ٿيڻ خلاف استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پ ٽ الف جي سڏ تي استادن ۽ ليڊي ٽيچرس هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته  هفتو اڳ  نيشنل بئنڪ مان اڻڄاتل چور 4 ليڊي ٽيچرس جون پگهارون چوري ڪري ويو، بئنڪ انتظاميا توڙي پوليس اڃان تائين پگهارون واپس نه ڪرايون آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته بئنڪ عملي سي سي ٽي وي ڪيمرائون ڄاڻي واڻي خراب ڪري ڇڏيون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ليڊي ٽيچرس جون پگهارون واپس ڪرائي بئنڪ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*