سئيزر لينڊ ۾ برفباري سبب 13 هزار کان وڌيڪ سياح ڦاسي پيا آهن

swiserland snowfall

سئيزر لينڊ ۾ برفباري سبب 13 هزار کان وڌيڪ سياح ڦاسي پيا آهن.

ميڊيا موجب الپائن جبل تي شديد برف پئجي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾زرمات جي سياحتي مرڪز وٽ گهمڻ آيل لڳ ڀڳ 13 هزار سياح ڦاسي پيا آهن.

زرمات جي اسٽيشن سربراهه جينين اميش چيو ته برف پوڻ سبب مک روڊ گذريل ٽِن ڏينهن کان بند پيل آهي، وڌيڪ برفباري سبب ٽرين جو ٽريڪ به رات کان نه کلي سگهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺن جو هڪٻئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

 يورپ جي وڏي جابلو سلسلي ايلپس کي سياحن جي جنت چيو ويندو آهي، جيڪو مختلف 8 ملڪن وٽان گذري ٿو، هتي سڄو سال سياح گهمڻ لاءِ ايندا آهن، هن وقت علائقو شديد برفباري جي لپيٽ ۾ آيل آهي، جنهن سبب 13 هزار کان وڌيڪ سياح ڦاسي پيا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*