سينيٽر مشاهدالله حسين چيو آهي ته سي پيڪ جا ڪجهه منصوبا وقت کان اڳ مڪمل ٿي چڪا آهن

mushahid ullah khan

سينيٽر مشاهدالله حسين چيو آهي ته سي پيڪ جا ڪجهه منصوبا وقت کان اڳ مڪمل ٿي چڪا آهن، سي پيڪ جي رفتار درست نموني هلي رهي آهي، سي پيڪ ڪنهن شخص، حڪومت، سياسي جماعت ۽ ادارا کان مٿاهون آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشاهد حسين چيو ته 29 کان 30 جنوري تائين گوادر ۾ ايڪسپو منعقد ٿيندو، جنهن ۾ 80 چيني ڪمپنيون شريڪ ٿينديون.

هن چيو ته سي پيڪ جا ڪجهه منصوبا وقت کان اڳ مڪمل ٿي چڪا آهن،

سينيٽر چيو ته سي پيڪ جي رفتار درست نموني هلي رهي آهي، پاڪستان ۾ 9581 چيني سي پيڪ تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ليبر شامل نه آهي،

هن چيو ته چيني سفير چيو ته هر معاملي تي چين پاڪستان سان گڏ هوندو. جيڪو ڪنهن شخص، حڪومت، سياسي جماعت ۽ اداري کان مٿاهون آهي.

سينيٽر مشاهد الله حسين چيو ته سي پيڪ پندرنهن سالن جو منصوبو آهي،

هن چيو ته ايڪسپو ۾ خانگي ۽ سرڪاري شعبي جون ڪمپينون شريڪ ٿينديون،

مشاهد الله حسين چيو ته چيني سفير چيو آهي ته خاص طور اڪانامڪ زون ۾ خانگي شعبي کي گڏ کڻي هلنداسين.

هن چيو ته چيني سفير اهو به چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن کي پائيدار بڻائڻو آهي، سي پيڪ کي 2018 ۾ اڳتي کڻي هلنداسين،

مشاهد الله حسين چيو ته چيني سيفير چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان چين جو اتحادي آهي. جڏهن ته چين جي پرڏيهي پاليسي جي ستين پائي ۾ سي پيڪ به شامل آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*