سپريم ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي ڪم جاري رکڻ واري اپيل رد ڪندي ڪائونسل ٽوڙي ڇڏي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي ڪم جاري رکڻ واري اپيل رد ڪندي ڪائونسل ٽوڙي ڇڏي، پي ايم ڊي سي جا معاملا سنڀالڻ لاءِ جسٽس رٽائرڊ شاڪر الله جان جي سربراهي ۾ عبوري ڪميٽي قائم ڪندي چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آهي ته معاملي جي نگراني مان پاڻ ڪندس.

چيف جسٽس، جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ  پي ايم ڊي سي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پي ايم ڊي سي جي وڪيل طرفان ڪائونسل کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت اپيل رد ڪندي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي دوران عدالت پي ايم ڊي سي بابت ايڊووڪيٽ سردار کوسا جي تجويز منظور ڪندي عبوري ڪميٽي به جوڙڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جي سربراهي جسٽس رٽائرڊ شاڪر الله جان ڪندو.

عبوري ڪميٽي ۾ اسلام آباد ۽ چئني صوبن مان ميڊيڪل ڪاليجز جا وائس چانسلر شامل هوندا، جڏهن ته اٽارني جنرل پاڪستان به عبوري ڪميٽي جو حصو هوندو.

سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل عبوري ڪميٽي پي ايم ڊي سي جون نئين سر چونڊون ڪرائڻ جي ذميواريون سنڀاليندي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سمورن ڪالجين جو دورو ڪندس ۽ معيار تي پورو نه لهندڙ ڪاليجن کي بند ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*