قبائلي علائقن ۾ پائيدار ترقي لاءِ براڊ بينڊ جي فراهمي لاءِ معاهدو ڪيو ويو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي تهٽيلي مواصلاتي شعبي ۾ ملڪ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي

shahid-khaqa-abbasi

قبائلي علائقن ۾ پائيدار ترقي لاءِ براڊ بينڊ جي فراهمي لاءِ معاهدو ڪيو ويو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي تهٽيلي مواصلاتي شعبي ۾ ملڪ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، سيڙپڪاري جا موقعا تمام گهڻا آهن، آءِ ٽي جي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، پائيدار ترقي لاءِ يو ايس ايف خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي..

قبائلي علائقن ۾ پائيدار ترقي لاءِ براڊ بينڊ جي فراهمي جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي.

معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي.

منصوبي جو مقصد ملڪ جي سمورن حصن ۾ ٽيلي ڪام جي ترقي ڏيارڻ آهي،

قبائلي علائقن ۾ پائيدار ترقي لاءِ براڊ بينڊ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، هن وقت ملڪ ۾ 5 هزار 896 ڳوٺن کي براڊ بينڊ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.

براڊ برينڊ منصوبي سان خيبرايجنسي، مهمند ايجنسي ۽ ڊي آءِ خان  جا علائقا فائدو حاصل ڪندا.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ٽيلي مواصلاتي شعبي ملڪ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به براڊ بينڊ سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته پائيدار ترقي لاءِ يو ايس ايف پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*