قصور جي نينگري زينب سان پيش آيل واقعي تي اداڪارا صبا قمر لڙڪ روڪي نه سگهي

saba qamar

قصور جي نينگري زينب سان پيش آيل واقعي تي اداڪارا صبا قمر لڙڪ روڪي نه سگهي، هڪ شو دوران پاڪستاني ادڪارا جو چوڻ هو ته هاڻي اهو وقت ناهي جو اسان ڪنهن جي مدد جو انتظار ڪريون، پنهنجي لاءِ پاڻ اٿو.

قصور ۾ 7 سالن جي معصوم زينب سان پيش آيل لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي هر شعور رکندڙ فرد کي جهوري وڌو آهي.

 شهزاد راءِ، ماهرا خان سميت ٻين فن جي دنيا سان واڳيل شخصيتن معصوم نينگري لاءِ آواز اٿاريو آهي.

 ادڪارا صبا قمر پنهنجي هڪ شو دوران زينب جي ذڪر تي غمگين ٿيندي پنهنجا لڙڪ نه روڪي سگهي.

هن چيو ته پنهنجي ڀرپاسي ڪجهه غلط ٿيڻ تي اسان کي آواز بلند ڪرڻو پوندو.

 هن عورتن کي اپيل ڪندي چيو ته هو پنهنجي ڌيئرن کي کين پريشان ۽ حراسان ڪرڻ وارن خلاف آواز بلند ڪرڻ سيکاريو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*