قصور ۾ جنسي ڏاڍائي بعد وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل معصوم ٻارڙِي واري واقعي بعد اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي

kasoor waqiho

قصور ۾ جنسي ڏاڍائي بعد وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل معصوم ٻارڙِي واري واقعي بعد اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف زينب جي گهر پهچي وارثن کي قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي آهي،

گذريل ڏينهن 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم نينگري جو گند جي ڍير تان لاش هٿ آيو، جنهن بعد شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو،جڏهن ته ڇڪتاڻ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا هئا.

احتجاج دوران مارجي ويل محمد علي شعيب جا مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن، جن جي تدفين اڄ ڪئي ويندي.

فائرنگ جي الزام ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ۽ ٻن سول ڊيفينس اهلڪارن کي گرفتارڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتول جي ڀائرن جي فرياد تي ٻه ڪيس 16 اڻڄاتل پوليس اهلڪارن خلاف داخل ڪيا ويا آهن.

ٻي طرف قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل 7 ورهين جي معصوم نينگري جا قاتل هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، ان حوالي سان اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاج جو  سلسلو جاري آهي ۽ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي.

ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف ڪالي پل وٽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب فيروز پور روڊ تي ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي، جنهن سبب قصور جو ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

پوليس پاران ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جو جاري ڪيل خاڪو به غلط نڪتو، خاڪو ويڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص  سان مشابهت نٿو رکي.

حساس ادارن جي ٽيم به شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ مقتول زينب جي گهر  پهتي.

قصور واقعي خلاف مظفر ڳڙهه ۽ فيصل آباد ۾ وڪيلن پاران هڙتال ڪئي آهي.

پنجاب بار ڪائونسل جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وڪيل ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتن ۾ پيش ٿيندا،

پنجاب هائيڪورٽ بار موجب، جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو وڃي.

هوڏانهن صبح سوير پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف جنسي ڏاڍائي بعد وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل 7 سالن جي معصوم ٻارڙِي زينب جي گهر پهتو.

پنجاب جي وڏي وزير زينب جي والدين سان تعزيت ڪئي ۽ قاتلن کي جلد انجام تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي…..

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ جي مختلف علائقن ۾ کير جي پيدوار، پروسيسنگ ۽ پيڪنگ جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 13 جنوري 2018 تي ٿيندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*