قصور ۾ قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جي پيءُ جي اعتراضن بعد گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو آهي

zainab murder

قصور ۾ قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جي پيءُ جي اعتراضن بعد گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو آهي، نئين جي آءِ ٽي سربراهه آر پي او ملتان محمد ادريس چيو آهي ته زينب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مقتول زينب جي والد محمد امين گذريل ڏينهن جي آءِ ٽي جي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي ابوبڪر خدا بخش جي نالي تي اعتراض ڪيو هو، جنهن بعد آر پي او ملتان محمد ادريس کي گڏيل جاچ ٽيم جو نئون سربراهه بڻايو ويو آهي،

آر پي او ملتان محمد ادريس جي، نئين جي آءِ ٽي سربراهه طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

زينب قتل ڪيس جي جاچ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف ايڊيشنل آءِ جي ابوبڪر خدابخش جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ حساس ادارن جا آفيسر به شامل ڪيا ويا هئا.

زينب جي والد محمد امين جي آءِ ٽي جي سربراهه جي نالي تي اعتراض ڪندي چيو هو ته پنجاب جي وڏي وزير جوابدارن خلاف ڪارروائي جو يقين ڏيارو هو، کيس وڏي وزير جي ڳالهين نه پر جاچ جي نتيجن تي يقين ايندو.

ٻي طرف جي آءِ ٽي جو سربراهه آر پي او ملتان محمد ادريس قصور پهچي ويو آهي، جڏهن ته ٽيم پنهنجي جاچ  به شروع ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته قصور ۾ رينجرز جي گشت بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ضابطو اچي ويو آهي، جڏهن ته ڪاروباري مرڪز به کلي ويا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*