قصور ۾ ٽن ڏينهن تائين پرتشدد احتجاج باوجود معصوم ٻارڙي زينب جو قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو

qasoor ningri agwa bad qatal

قصور ۾ ٽن ڏينهن تائين پرتشدد احتجاج باوجود معصوم ٻارڙي زينب جو قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو، پنجاب سرڪار جي ترجمان ملڪ احمد خان چيو آهي ته جوابدار بابت پڪيون ثابتيون مليون آهن، هڪ ئي جوابدار تسلسل سان نياڻين کي اغوا ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي.

قصور سانحي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود معصوم نينگري کي قتل ڪندڙ جوابدار آزاد آهي، پرتشدد مظاهرن ۾ به ٺاپر اچي وئي آهي .

صورتحال معمول اچڻ بعد پوليس ڪريڪ ڊائون ڪندي ڊسٽرڪٽ اسپتال ۽ نون ليگ ايم پي اي نعيم صفدر جي اوطاق تي چڙهائي ڪري گاڏين کي باهه ڏئي ساڙڻ جي شڪ  هيٺ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

شهر ۾ امن ۽ امان جي وصرتحال برقرار رکڻ لاءِ رينجرز جي 200 اهلڪارن بڪتر بند گاڏين ۽ موبائل سان گڏ فليگ مارچ ڪيو.

واپارين جي هڙتال ختم ڪرڻ واري اعلان بعد ڪاروباري مرڪز کلي ويا آهن. جڏهن ته تعليمي ادارا به کلي ويا آهن.

شهر ۾ روڊن تي ٽريفڪ جي اچ وڃ معمول تي اچي وئي آهي. پنجاب جي آءِ جي پاران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻن ڏينهن لاءِ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي.

ٻي طرف پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف ٻارڙي زينب جي قتل جو چالان اڄ ئي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن جوابدار جي نشاندهي ڪندڙ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

مقتول ٻارڙي جي زينب جي والد محمد امين به قصور جي مڇريل ماڻهن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته جي آءِ ٽي جي سربراهه کي به تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن معصوم ٻارڙي زينب جي قاتل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سڄو ملڪ هڪ آواز ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻارڙي جي ياد ۾ ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ ميڻ بتيون ٻاريون ويون.

ٻي طرف ملڪ احمد خان چيو ته جوابدار بابت پڪيون ثابتيون مليون آهن، هڪ ئي جوابدار تسلسل سان نياڻين کي اغوا ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي.

پنجاب سرڪار جي ترجمان چيو ته ٻارڙن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*