قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هائيڪورٽ جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل منظور ڪيو ويو

national assembly

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هائيڪورٽ جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل منظور ڪيو ويو، خورشيد شاهه چيو آهي ته قصور واقعو پنجاب سرڪار جي ناڪامي آهي، اشتهارن ۾ نظر ايندڙ سڪيورٽي ڪٿي هئي؟ مملڪتي  وزير محسن رانجها چيو ته قصور واقعو افسوسناڪ آهي پر اهڙا واقعا ٻين صوبن ۾ به ٿين ٿا، جوابدارن کي ڦاهي اچڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن دوران قصور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل معصوم نينگري زينب، اصغر خان ۽ جنرل خالد شميم جي لاءِ دعا گهري وئي.

اجلاس ۾ مملڪتي وزير  پير امين حسنات اتر وزيرستان ۽ لائن آف ڪنٽرول تي شهيد ٿيل جوانن جي مغفرت لاءِ دعا گهرائي،

قانوني واري وزير چوڌري محمود بشير ورڪ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هائيڪورٽ جي دائري کي فاٽا تائين وڌائڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.

جي يو آءِ جي ميمبر نعيما ڪشور طرفان ڪورم پورو نه هئڻ جي نشاندهي ڪئي وئي پر ڳڻپ بعد ڪورم پورو نڪتو.

اجلاس ۾ جي يو آءِ جي ميمبر نعيما ڪشور طرفان مخالفت باوجود سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هائيڪورٽ جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ جو بل منظور ڪيو ويو. جڏهن ته جي يو آءِ جي ترميم به رد ڪئي وئي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري زينب واقعي تي مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.

خورشيد شاهه چيو ته قصور واقعو پنجاب سرڪار جي ناڪامي آهي، اشتهارن ۾ نظر ايندڙ سڪيورٽي ڪٿي هئي؟

هن چيو ته پارليامينٽ 20 ڪرور عوام جو نمائندو آهي، پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پارليامينٽ ٺهرائن ۽ سفارشن کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته گذريل ٻن سالن کان پنجاب ۾ 720 اهڙيون وارداتون ٿيون آهن، جنهن بابت ڪا به گرفتاري نه ٿي آهي.

هن چيو ته قصور واقعي سڄي ملڪ ۽ ادارن کي لوڏي ڇڏيو آهي، اسان سڀني جو به اولاد آهي، مري وينداسين پر ڪا به ڳالهه نه آهي پر جيڪو ظلم قصور ۾ ٿيو آهي، ان تي هر ماءُ پيءُ پريشان آهي.

خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته اڄ هي ڏينهن ڏسڻو نه پئي ها. رڳو هڪ ايس پي کي هٽائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته قومي اسيمبلي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته ڪنهن صوبي ۾ وڌيڪ ڏوهه ٿيندا آهن ته پوءِ سڀني کي خبر پئجي ويندي ته پنجاب ۾ ڪيتريون وارداتون ٿينديون آهن.

مريم اورنگزيب چيو ته قصور سانحي تي سڄو ملڪ شرمسار آهي، هر هڪ اک آلي آهي، اهڙا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن.

مملڪتي  وزير محسن رانجها چيو ته قصور واقعو افسوسناڪ آهي پر اهڙا واقعا ٻين صوبن ۾ به ٿين ٿا، جوابدارن کي ڦاهي اچڻ گهرجي.

هن چيو ته هي هڪ معاشرتي برائي جيڪا هڪ شهر تائين محدود ناهي، ڇا لاڙڪاڻي ۽ ڊيرااسماعيل خان ۾ اهڙا واقعا نه ٿيا آهن؟

مملڪتي وزير چيو ته قصور جهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي.

شيرين مزاري چيو ته قصور واقعي تي پوائينٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي. ٻارڙي کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪچري جي ڍير تي اڇلايو ويو.

هن چيو ته اهو معاشري جو مائينڊ سيٽ آهي , هن معاملي تي هاڻ بحث ڪرڻو پوندو , هاڻ هي معاملو عوام ۾ ڊسڪس ٿيو آهي.

شيرين مزاري چيو ته عوام احتجاج جو حق رکن ٿا, مٿن سڌي فائرنگ ڪئي وئي. جنهن کي گرداشت نٿو ڪري سگهجي.

شيرين مزاري چيو ته هڪ عورت وزير ٽوئيٽ ڪيو ته هن واقعي ۾ والدين جو ڏوهه آهي جيڪو شرمناڪ عمل هو.

هن چيو ته حڪومت پرامن عوام تي سڌيون گوليون هلائندي ته ڪئين برداشت ٿو ڪري سگهجي.

اسپيڪر زينب واقعي بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان کان اڳ جو ڪا ٻي نياڻي متاثر ٿئي اسان کي ڪجهه ڪرڻو پوندو.

طلال چوڌري چيو ته عدل جي نظام ۾ تبديلي اچڻ گهرجي ته ايندڙ ڪو اهڙو  واقعو نه ٿئي، اهڙا قانون جوڙيا وڃن جو اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين.

هن چيو ته  واقعا سڄي ملڪ ۾ ٿيا آهن، پاڙيسري، مٽ مائيٽ، استاد ۽ ديني تعليم ڏيندڙ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏٺا ويا آهن، هن ڪيس جي جاچ باريڪ بيني سان جاري آهي.

نواز ليگ ميمبر چيو ته هن واقعي بعد پرتشدد واقعا ٿيا، ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، اهو به غور ٿيڻ گهرجي ته مخالفن کي ڪنهن بهاني سان نشانو نه بڻايو وڃي.

طلال چوڌري چيو ته ماڻهن کي فساد لاء اڪسايو ويو انهن جا ٽي ڪيس داخل ٿيا، جن تحت 37 ڄڻن کي  گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ گرفتاريون به ڪيون وينديون.

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي به ماڻهن کي اڪسايو ويو، سڀاڻي اهي ماڻهو اسلام آباد اچي ويهي سگهن ٿا.

طلال چوڌري چيو ته پنجاب حڪومت تي تنقيد ڀلي ڪريو پر اداري جي حيثيت ۾ پوليس جي اهميت آهي، پوليس شهادتون به ڏنيون آهن، پوليس ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪندي

ان موقعي تي جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ جي خلاف ڪيپٽن صفدر طرفان تحريڪ استحقاق اسپيڪر حوالي ڪئي وئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اجلاس جي ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*