قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد رولنگ ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي تي لعنت وجهندڙن خلاف قانونسازي ڪئي ويندي

national assembly

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد رولنگ ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي تي لعنت وجهندڙن خلاف قانونسازي ڪئي ويندي، جيڪو پارليامينٽ تي لعنت وجهندو، ان تي سڄي قوم لعنت وجهندي،

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد جي صدارت  هيٺ ٿيو، جيڪو ڪورم پورو نه هئڻ سبب ٿوري دير لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

قورم پورو ٿيڻ بعد اجلاس جي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪئي وئي،

پ پ اڳواڻ ستار بچاڻي چيو ته تحريڪ انصاف رڳو پارليامنيٽ تي لعنت نه وڌي آهي پر انهن اوهان تي به لعنت وڌي آهي.

هن چيو ته تاريخ ۾ ڪڏهن به ايئن نه ٿيو آهي ته لعنت ايوان تي لعنت وڌي وڃي، اسپيڪر جي ڪرسي مٿان قائداعظم جي تصوير به لڳل آهي.

ستار بچاڻي چيو ته جيڪي ماڻهو لعنت وجهن ٿا، انهن تي به لعنت وڌي وڃي.

جنهن تي تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ڪرسين کان اٿي بيهي رهيا ۽ هنگامو ڪندي نعريبازي ڪئي، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو.

اسپيڪر جي رولنگ دوران تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي ميمبرن پاران هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،

تحريڪ انصاف جي ميمبرن اسپيڪر ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ٻيهر سخت نعريبازي ڪئي.

شهريار آفريدي چيو ته ملڪ جو آئين قرآن ۽ سنت ماتحت آهي، والدين پنهنجي اولاد کي رول ماڊل ڏسڻ چاهين ٿا.

ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي تي لعنت وجهندڙن خلاف قانونسازي ڪئي ويندي، جيڪو پارليامينٽ تي لعنت وجهندو، ان تي سڄي قوم لعنت وجهندي

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ۾ روز سياسي تقريرن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

اجلاس دوران ڪيڊ جي وزير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽِيس پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس غير حاضري بابت ڊپٽي اسپيڪر کي آگاهي ڏني وئي.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندڙ ميمبر شڪيلا لقمان اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر کي ٻڌايو ته ڪيڊ جي وزير نه اچڻ تي معذرت ڪئي آهي.

ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*