ملتان ۾صوفي بزرگ حضرت شاهه رڪن عالم جي عرس تقريبن جو آغاز ٿي ويو

shah mehmood qureshi

ملتان ۾صوفي بزرگ حضرت شاهه رڪن عالم جي عرس تقريبن جو آغاز ٿي ويو، درگاهه جي سجاده نشين شاهه محمود قريشي مزار کي عرق گلاب سان غسل ڏنو ۽ چادر چاڙهي، شاهه محمود قريشي چيو ته بزرگن جو پيغام امن جو پيغام آهي.

 ملتان ۾ صوفي بزرگ حضرت شاهه رڪن عالم جي 704 هين عرس تقريبن جو آغاز ٿي ويو آهي.

درگاهه جي گادي نشين شاهه محمود قريشي هر سال جيئن درگاهه کي عرق گلاب سان غسل ڏنو ۽ درگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري.

 ان موقعي تي مخدوم زين قريشي ۽ شاهه محمود قريشي جو ڀاءُ مريد حسين قريشي سميت ڪٽنب جا ٻيا فرد ۽ عقيدتمند موجود هئا.

 درگاهه تي دعا گهرڻ کانپوءِ شاهه محمود قريشي چيو ته صوفي بزرگن جو پيغام امن جو آهي، سندن پيغام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مريدن ۽ عقيدتمندن جو وڏو تعداد پهتل آهي.

 عرس جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

حضرت شاهه رڪن عالم جي عرس جون تقريبون 3 ڏينهن تائين جاري رهنديون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*