ملڪ جي مختلف علائقن ۾ قصور واقعي خلاف احتجاجن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، پنجاب ۾ وڪيلن پاران هڙتال ڪئي پئي وڃي

peshawar wakeel pro zainab

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ قصور واقعي خلاف احتجاجن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، پنجاب ۾ وڪيلن پاران هڙتال ڪئي پئي  وڃي.

پنجاب ۾  وڪيلن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هڙتال ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته عدالتي جي ڪاررواين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويوآهي.

وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هڙتال قصور واقعي خلاف ڪئي پئي وڃي، حڪومت فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري.

هوڏانهن ملتان ۾ به هائيڪورٽ ملتان بينچ جي صدر شير زمان ۽ صدر ڊسٽرڪٽ بار جي اڳواڻي ۾ وڪيلن قصور واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ چيو ته قصور ۾ پوليس فائرنگ ۾ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، زينب جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي.

ٻي طرف پشاور ۾ قصور واقعي خلاف تحريڪ انصاف جي عورت ونگ پاران پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن زيادتي بعد قتل ٿيل معصوم ٻارڙي زينب جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته پنجاب حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري موت جي سزا ڏني وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*