نامياري مصور ظفر ڪاظمي جي وڇوڙي کي 11 سال گذري ويا آهن، ظفر ڪاظمي جي پينٽنگز کي عالمي سطح تي مڃتا ملي

zafar kazmi

نامياري مصور ظفر ڪاظمي جي وڇوڙي کي 11 سال گذري ويا آهن، ظفر ڪاظمي جي پينٽنگز کي عالمي سطح تي مڃتا ملي.

هن 25 ڊسمبر 1933 ع تي سنڌ جي آمري ڳوٺ ۾ جنم ورتو.

  هن کي چترڪاريءَ جو شوق ننڍپڻ کان هو.

 1951ع ۾ اين جي وي اسڪول ۾ ڊرائنگ اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو.

 1954ع ۾ شاهه لطيف اسڪول حيدرآباد ۾ پينٽنگ جي نمائش ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو.

 1979ع ۾ ظفر ڪاظمي جي تصويرن جي نمائش برطانيا جي برمنگهم ميوزم جي آرٽ گيلري ۾ ٿي، ان بعد ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪيترائي ڀيرا سندس تصويرن جي نمائش ٿيندي رهي، ظفر ڪاظمي ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا.

 1999ع ۾ کيس شاهه لطيف ايوارڊ ڏنو ويو.

 هن جي فن پارن ۾ سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي نظر اچي ٿي، ظفر ڪاظمي پنهنجي چترڪاري ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو سهارو ورتو ۽ لطيفي سرهاڻ کي ميڙيو.

 عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ مصور ظفر ڪاظمي 12 جنوري 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*