پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان چيو آهي ته دبئي جي مقابلي ۾ نيوزيلينڊ ۾ ڪنڊيشنز مشڪل آهن

shadab khan

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان چيو آهي ته دبئي جي مقابلي ۾ نيوزيلينڊ ۾ ڪنڊيشنز مشڪل آهن.

نيوزيلينڊ جي شهر ڊنينڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ليگ اسپنر چيو ته سيريز ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ هو ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته نيوزيلينڊ ۾ ڪنڊيشنز بالنگ لاءِ سازگار نه آهن ۽ کيس بيٽنگ ۾ تمام گهڻو مزو اچي رهيو آهي.

قومي ٽيم جي ليگ اسپنر چيو ته سيريز ۾ هن وقت تائين ٽيم جي بالنگ مجموعي طور تي ساراهه جوڳي نه رهي آهي.

شاداب خان جو وڌيڪ چوڻ هوته سيريز ۾ واپسي لاءِ ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آهي،جنهن سبب سڀاڻي جي ون ڊي ميچ جي وڏي اهميت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*