پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته سڀاڻي رٿيل ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي

sarfaraz ahmed

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته سڀاڻي رٿيل ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

نيوزيلينڊ جي شهر ڊنينڊن ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته شروع وارين ٻنهي ميچز ۾ ٽيم ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهي آهي.

هن چيو ته سڀاڻي رٿيل ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ فيلڊنگ، بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ بهتر پرفامنس جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

سرفراز احمد وڌيڪ چيوته برسات سبب شروع واريون ٻئي ميچز متاثر ٿيون،جنهن سبب کين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر هو گهڻو پراميد آهي ته سڀاڻي رٿيل ٽين ون ڊي ميچ ۾ اوپنر فخرزمان جي واپسي ٿيندي ۽ ٽيم ڪاميابي ماڻي سيريز ۾ واپس ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*