پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ سڀاڻي ڊنيڊن ۾کيڏي ويندي

pakistan vs newzealand

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ سڀاڻي ڊنيڊن ۾کيڏي ويندي، سيريز ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل آهي.

پاڪستان ۽ نيوزيليند جي ٽيمن وچ ۾ جاري پنج ون ڊي ميچز ٻڌل سيريز ۾ ميزبان ٽيم پهرين ۽ ٻين ون ڊي ميچ ۾ ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل آهي.

اڄ ٻئين ڏينهن به قومي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران سمورن رانديگرن فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڀرپور ڌيان ڏنو.

واضح رهي ته ٻنهي ون ڊي ميچز ۾ قومي ٽيم ٽنهي شعبن ۾ ناڪام رهي ۽ سڀاڻي جي ميچ ۾ جيڪڏهن ٽيم کي شڪست ملي ته سيريز ۾ هارائي ويندي ۽ کٽڻ جي صورت ۾ سيريز ۾ واپسي ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*