پيپلزپارٽي شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله جي استعيفيٰ جومطالبو ڪري ڇڏيو، خورشيد چيو آهي ته : قصور سانحو حڪومت جي ناڪامي آهي

khursheed shah

پيپلزپارٽي  شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله جي استعيفيٰ جومطالبو ڪري ڇڏيو، خورشيد چيو آهي ته : قصور سانحو حڪومت جي ناڪامي آهي، حڪومت جو ڪم ماڻهن کي مارڻ نه پر تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، مظاهرين تي فائرنگ ڪري ماڊل ٽائون سانحي کي ورجايو ويو، جوابدار گرفتار نه ٿيا ته  اها حڪومت جي ناڪامي هوندي، نواز شريف جي جارحاڻي رويي سان ملڪ ۾ تباهي ٿيندي، سندس مقصد ادارن جي ساک ختم ڪرڻ آهي.

قصور واقعي تي رد عمل ظاهر ڪندي خورشيد شاهه چيو ته قصور سانحو حڪومت جي ناڪامي آهي، پنجاب جو وڏو شهبازشريف ۽ راڻا ثناءُ الله فوري طور استعيفيٰ ڏئي.

هن چيو ته رائيونڊ ۾ مور مرڻ تي ايس پي کي معطل ڪيو ويو، جيڪڏهن مور جو ايڏو ڏک هو ته معصوم نياڻي کي قتل ڪرڻ واري واقعي بعد شهبازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها.

اپوزيشن ليڊر چيو ته قصور سانحو پهريون نه آهي، اڳ به اتي ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن.

هن چيو ته موجوده حڪومت قصور سانحن جهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي، جوابدار گرفتار نه ٿيا ته اها حڪومت جي وڏي ناڪامي هوندي.

خورشيد شاهه چيو ته مظاهرو ڪندڙن تي فائرن ڪري ماڊل ٽائون سانحو ورجايو ويو آهي، پنجاب حڪومت کي ماڊل ٽائون سانحي مان سبق سکڻ بدران کي ورجايو آهي.

ٻي طرف چوڌري منظور چيو آهي ته قصور سانحي تي پنجاب جي وڏي وزير ۽ راڻا ثناءُ الله کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها.

چوڌري منظور چيو ته قصور واقعي بعد شهبازشريف صوبي تي رحم ڪري وڌيڪ سانحن کان بچڻ لاءِ استعيفيٰ ڏي.

پيپلزپارٽي جي ترجمان چيو ته گڊ گورننس جي دعويٰ ڪندڙ شهبازشريف پنهنجي صوبي لڪي رهيو آهي ۽ رات جي اونداهي ۾ ملاقاتون ڪري رهيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*