پ پ جي شريڪ چئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ ڪارڪن اليڪشن جون تياريون ڪن

Asif-Zardari-9917

پ پ جي شريڪ چئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ ڪارڪن اليڪشن جون تياريون ڪن، اليڪشن ضرور ٿيندي، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم ٿيا آهن.

هن پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته نوڪريون ڏينداسين، هن وقت ڪورٽ جي تلوار لٽڪيل آهي ۽ ڪورٽون ساهه نٿيون کڻن ڏين.

آصف علي زرداري چيو ته سنڌ خلاف هڪ تاثر ٺاهيو ويو آهي، اسان سنڌ صوبي کي مثالي صوبو بڻائينداسين، ته جيئن ٻين صوبن جا ماڻهو مثال ڏين.

انهي موقعي تي پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، حاجي علي حسن زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*