پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مخالفن وٽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪو به پروگرام ناهي

bilawal sehwan

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مخالفن وٽ  سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪو به پروگرام ناهي، اسان صوبي جي عوام کي صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن، سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا تيزي سان مڪمل ٿي رهيا آهن.

سيوهڻ ۾جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، جنهن لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي.

هن چيو ته مخالفن وٽ  سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪو به پروگرام ناهي، اسان صوبي جي عوام کي صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن،.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسپتالن سان رڳوسنڌ جي نه پر پوري ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهيون، رڳو پاڪستان جا نه پر پوري دنيا جا ماڻهو اسپتالن مان فائدو حاصل ڪندا

سيوهڻ انسانيت لاءِ هڪ پناهگاهه آهي ڪراچي ۾ دل جي اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو آهي، ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي اسپتال ڪراچي ۾ آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته صحت جي شعبي ۾سنڌ سرڪار جي ڪم جو ڪٿي به مثال ناهي، پوءِ به ماڻهو چون ٿا ته سنڌ حڪومت ڇاڪيو آهي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد۾عالمي معيار جون اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن، مهانگي کان مهانگو علاج ڪرائڻ لاءِ به  سنڌ جي اسپتالن ۾ هڪ رپيو به ناهي لڳندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوجوانن کي روزگار ڏيڻ رياست جو فرض آهي، مڃون ٿا ته اڃان به مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا مسئلا حل ڪرڻ واري اسان جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري سيوھڻ ۾ سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ  آف ميڊيڪل  سائنسز ۾ قائم ڪيل دل جي بيمارين واري اسپتال جو افتتاح ڪرڻ بعد درگاهه قلندر لال شهباز تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*