ڀارتي ٽيم جي فاسٽ بالر جيسپرت بمراهه چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف جاري سيريز ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي

Jasprit-Bumrah

ڀارتي ٽيم جي فاسٽ بالر جيسپرت بمراهه چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف جاري سيريز ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

ڏکڻ آفريڪي شهر ڪيپ ٽائون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاسٽ بالر چيو ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جا بيٽسمين ناڪام رهيا،جنهن سبب ٽيم کي شڪست ملي.

هن چيو ته ٽيم جا سمورا رانديگر ڪنڊيشنز ۾ ايڊجيسٽ ٿيڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آهن.

بمراهه وڌيڪ چيو ته سيريز جي رهيل ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو،جنهن بعد ٽيم کي فتح ملندي ۽ سيريز کي برابرڪرڻ لاءِ ٻين ٽِيسٽ ميچ کٽڻ لازمي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*