ڀارت پاران سرحدي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۾ پيرسن عورت شهيد ٿي وئي

LOC-Firing-13917

ڀارت پاران سرحدي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۾ پيرسن عورت شهيد ٿي وئي. پرڏيهي آفيس ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.

راولاڪوٽ ويجهو لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ ڪري آبادي کي نشانو بڻايو.

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 60 ورهين جي پيرسن عورت حسن بي بي زال فرزند علي ڪنڌ تي گولي لڳڻ سبب شهيد ٿي وئي.

پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي بعد دشمن جون بندوقون خاموش ٿي ويون.

ڀارتي اڳرائي تي پرڏيهي آفيس پاران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب احتجاج رڪارد ڪرايو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*