چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ آءِ جي پنجاب کي معصوم نينگري زينب جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي 36 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Lahore-High-Court-81116

چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ آءِ جي پنجاب کي معصوم نينگري زينب جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي 36 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ قصور واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

لاهور هائيڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه قصور واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ آءِ جي پنجاب کي طلب ڪري ورتو.

آءِ جي پنجاب عارف نوازعدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته قصور واقعي کان اڳ ڪيترا واقعا پيش اچي چڪا آهن ۽ اهي ڪيس ڪٿي آهن. ڇا اهي ڪيس عدالتن ۾ پيش ٿيا آهن ؟ ڇا اوهان وٽ اهڙن ڪيسن جا تفيصل آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته قصور ڪيس ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، 36 ڪلاڪن ۾ جوابدارن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي.

چيف جسٽس، منصور علي شاهه چيو ته قصور واقعي تي سول سوسائيٽي پريشان آهن، ان جي ڪري جوابدارن کي هرصورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي.

آءِ جي پنجاب چيو ته پوليس پوري ايمانداري سان ڪم ڪري رهي آهي، مان يقين  ٿو ڏياريان ته جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا.

چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ پنجاب ۾ ٻارڙن بابت سمورن ڪيسن جا تفصيل ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*