اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا کاڌل فاسٽ بالر محمد آصف کي دبئي ايئر پورٽ تان ڊي پورٽ ڪيو ويو

muhamad asif

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا کاڌل فاسٽ بالر محمد آصف کي دبئي ايئر پورٽ تان ڊي پورٽ ڪيو ويو، پاڪستاني بالر ٽيپ بال ٽورنامينٽ جو حصو بڻجڻ کان محروم رهجي ويو.

خابرو اداري جي رپورٽ موجب محمد آصف ٽيپ بال ٽورنامينٽ کيڏڻ جي سلسلي ۾ دبئي ويو هو.

 ٽيپ بال ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ دبئي ايئر پورٽ پهتل محمد آصف کي اميگريشن عملدارن ڪجهه ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ بعد ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو.

 واضح رهي ته محمد آصف 10 سال اڳ آخري ڀيرو دبئي ويو هو ته سندس کِيسَي مان منشيات هٿ آئي هئي جنهن تي کيس پوليس حراست ۾ ورتو هو، جنهن بعد هن لاڳيتو 10 سال دبئي جو سفر نه ڪيو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*