نئين مزاحيه بالي ووڊ فلم“ 102 ناٽ آئوٽ” ۾ اميتاڀ بچن دنيا جو سڀ کان وڏي عمر جو ماڻهو هجڻ وارو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نظر ايندو

flim 102 not

 نئين مزاحيه بالي ووڊ فلم“ 102 ناٽ آئوٽ” ۾ اميتاڀ بچن دنيا جو سڀ کان وڏي عمر جو ماڻهو هجڻ وارو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نظر ايندو، فلم جي رليز ڪيل نئين ٽريلر بگ بِي جي پرستارن ۾ واهه واهه ڪرائي ڇڏي آهي.

فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته رشي ڪپور ۽ اميتاڀ بچن 25 سالن جي وڏي عرصي کان پوءِ گڏيل طور جلوه گر ٿيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فلم ۾ رشي ڪپور جي عمر 75 سال آهي ۽ هو اميتاڀ جي پٽ جو ڪردار  نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته ڪردار موجب 102 سالن جو اميتاڀ دنيا جو سڀ کان وڏي عمر جو ماڻهو هجڻ وارو اعزاز چيني شهري کان کسي پنهنجي نالي ڪرڻ  جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.

واضح رهي ته فلم 102 ناٽ آئوٽ هلندڙ سال 4 مئي تي رليز ٿي رهي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*