والاريل ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جنگ تي ٺهيل پاڪستاني نئين فلم“ آزادي” جون نيون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن

azadi

والاريل ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جنگ تي ٺهيل پاڪستاني نئين فلم“ آزادي” جون نيون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن، فلم عيد الفطر تي رليز ڪئي ويندي.

 اردو ٻولي ۾ ٺهيل لالي ووڊ فلم جي مکيه اداڪارن ۾ نديم، معمر رانا ۽ سونيه حسين شامل آهن.

خابرو اداري جي رپورٽس موجب ايڪشن کان سواءِ رومانس کي به موضوع بڻائڻ سبب ڪهاڻي ڪافي دلچسپ  آهي ۽ فلم پرستارن جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي.

 فلم آزاديءَ جي رليز ڪيل نئين ٽريلر ۾ ڪشمير وادي جي سر سبز جابلو علائقي جا مختلف خوبصورت وڻندڙ منظر به فلم بينن لاءِ ڪشش جو باعث بڻيل آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*