امريڪا ۽ اتحادي ملڪن شام تي حملا ڪري ڪيميائي هٿيارن جي ڪارخانن، سائنسي تحقيقي جي ادارن جي آفيسز ۽ ٻين عمارتن مٿان ميزائل فائر ڪيا آهن

america sham hamlo

امريڪا ۽ اتحادي ملڪن شام تي حملا ڪري ڪيميائي هٿيارن جي ڪارخانن، سائنسي تحقيقي جي ادارن جي آفيسز ۽ ٻين عمارتن مٿان ميزائل فائر ڪيا آهن، پينٽاگون حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته، ميزائل حملن دوران رڳو ڪيميائي هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن کي نشانو بڻايو ويو، شامي سرڪار موجب، حمص ۾ حملن جي نتيجي ۾ 3 شهري زخمي ٿي پيا، امريڪي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته حملن جي نتيجي ۾ جاني نقصان جا ڪي به اطلاع نه مليا آهن.

امريڪا، برطانيا ۽ روس جي فوجن رات جي اونداهيءَ ۾ شام جي گادي واري شهر ۽ حمص ۾ ميزائل فائر ڪيا، جنهن دوران روخاني ڪيميائي هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن ۽ سائنسي تحقيق جي سينٽرز کي نشانو بڻايو ويو.

شام جي سرڪاري خابرو اداري موجب، حمص ۾ حملي جي نتيجي ۾ 3 عام شهري زخمي ٿي پيا، ان کانسواءِ حملي ذريعي هڪ تعليمي اداري ۽ ليبارٽري کي به تباهه ڪيو ويو.

شام جي صدر بشار الاسد جي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته حملن دوران جوابي ڪارروائي ڪندي امريڪا ۽ ان جي اتحادين جي 13 ميزائلس کي تباهه ڪيو ويو.

بيان ۾ چيو ويو ته شام امريڪا جي حملن کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

امريڪي دفاعي کاتي پينٽاگون جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته حملن دوران رڳو ڪيميائي هٿيارن کي نشانو بڻايو ويو ۽ کين حملن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ٿيڻ جا اطلاع نه مليا آهن.

امريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽِس شام تي حملي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته، شام ۾ في الحال هڪ ڀيري لاءِ حملو ڪيو ويو، پر مستقبل ۾ حملن کي جاري رکڻ جو دارومدار شامي حڪومت جي رويي تي آهي.

امريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته، جيڪڏهن شامي حڪومت شهرين مٿان ڪيميائي هٿيارن جو استعمال جاري رکيو ويو ته امريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن طرفان شام مٿان حملن جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شام دُوما واري علائقي ۾ شهرين مٿان ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو هو، جنهن بعد امريڪا سميت اولهه جي ملڪن شام خلاف ڪارروائي لاءِ زور ڀريندا رهيا، جڏهن ته روس ۽ چين سميت شام جي اتحادي ملڪن شام خلاف ڪارروائين جي مخالفت ڪئي هئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*