بالي ووڊ فلم بجرنگي بائيجان چين ۾ هڪ مهيني جي عرصي دوران 295 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا آهن

bajrangi bhaijan

بالي ووڊ فلم بجرنگي بائيجان چين ۾ هڪ مهيني جي عرصي دوران 295 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا آهن، جنهن بعد فلم جي ڪُل ڪمائي 905 ڪروڙ رپين تي پهچي وئي آهي.

ڀارتي فلم نگريءَ جي دبنگ فيم سِتارَي سلو ڀائي جي سپر هٽ فلم بجرنگي بائيجان کي 2 مارچ تي بيجنگ جي سئنمائن ۾ نماءَ لاءِ پيش ڪيو ويو هو.

 پاڪستاني نينگريءَ جي اسٽوري تي ٺهيل فلم رليز ٿيندي ئي چيني سئنيما گهرن تي ڇائنجي وئي هئي.

  پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب رليز ٿيڻ جي هڪ مهيني کان پوءِ بجرنگي بائيجان چين ۾295 ڪروڙ 32 لک رپيا ڪمايا آهن، جنهن بعد سموري دنيا جي سئنيمائن ۾ فلم جي ڪمائي 905 ڪروڙ رپيا ٿي وئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*