بلوچستان جي علائقي حب ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

hub accidant

بلوچستان جي علائقي حب ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حب ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي تيز  رفتار ويگو گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان  نڪرندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

ٻئي طرف گڏاڻي موڙ وٽ قومي شاهراهه تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو،

اطلاع تي رضاڪار واقعي واري هنڌ پهچي  لاش سول اسپتال حب منتقل ڪيو،

پوليس موجب، فوتي شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*