تحريڪ انصاف جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي واقعي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

punjab-assembly29-8

تحريڪ انصاف جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي واقعي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو.

تحريڪ انصاف جي ميمبر پنجاب اسيمبلي جي سعديه سهيل راڻا جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي واقعي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ مذهتي ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت فوري طور جج جي گهر ٻاهران فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري.

ٺهراءَ موجب، پوليس گارڊ هئڻ باوجود فائرنگ جو واقعو پيش اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، حڪومت ججن کي فل پروف سيڪيورٽي فراهم ڪري،

ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري ميان شهباز شريف جي سيف سٽي پروگرام جو امتحان آهي.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سمورين اسٽيڪ هولڊرز جي ذميواري آهي ته رياستي ادارن جي اثرائتي ڪردارلاءِ محفوظ فضا کي يقيني بڻايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*