سنڌ جي دوري تي پهتل پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف جون گورنر هائوس اندر پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي

shahbaz shareef khi

سنڌ جي دوري تي پهتل پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف جون گورنر هائوس اندر پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي، اڳواڻن سان ڳالهائيندي شهاز شريف چيو آهي ته نواز شريف ئي هنن جو قائد آهي ۽ هو سندس جا سپاهي آهن،    شهباز شريف اڄ شام جو مقامي هوٽل ۾ نون ليگ ڪنوينشن کي خطاب ڪندو.

نون ليگ جو مرڪزي صدر محمد شهباز شريف اڄ صبح جو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي پهتو، ايئرپورٽ تي پارٽي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي، جتان هو  گورنر هائوس روانو ٿي ويو.

گورنر هائوس ۾شهباز شريف پارٽي اڳواڻن ۽ لائير ونگ سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي.

 ان موقعي تي  گورنر سنڌ محمد زبير، سينيٽر مشاهد حسين سيد، نون ليگ سنڌ جو صوبائي صدر سرفراز جتوئي، شاهه محمد شاهه، سينيٽر سليم ضياءَ، سينيٽر راحيله مگسي، سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جو اڳوڻو صدر ياسين آزاد ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا موجود هئا.

پارٽيءَ جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته نواز شريف ئي سندن قائد هو ۽ هميشه قائد ئي رهندو ۽ هن سميت نون ليگ جا سڀئي ڪارڪن نواز شريف جا سپاهي آهن.

 هن وڌيڪ چيو ته بهتر ٽرانسپورٽ، تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون سنڌ جي عوام جو حق آهن، جيڪڏهن سنڌ جي عوام کين چونڊيو ته هو صوبي جي تقدير کي بدلائي ڇڏيندا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*