سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاهزيب قتل ڪيس جي ڄاڻايل سڀني جوابدارن جي وڪيلن پاران 22 گواهن جا بيان پڙهيا ويا

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاهزيب قتل ڪيس جي ڄاڻايل سڀني جوابدارن جي وڪيلن پاران 22 گواهن جا بيان پڙهيا ويا، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي  جاچ آفيسر جو بيان پڙهيو ويندو.

 سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ جوابدارن جي سزائن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.

 ان موقعي تي شاهه رخ جتوئي سميت سڀني جوابدارن جا وڪيل عدالت آڏو پيش ٿيا.

 عدالت جي سامهون سڀني جوابدارن جي وڪيلن پاران ڪيس جي 22 گواهن جا بيان پڙهي ٻڌائڻ بعد عدالت ڪيس تي ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جاچ آفيسر جو بيان پڙهيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*