سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وڏي ڀاءُ جيان عزت ڪريان ٿو

sadiq sajrani

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وڏي ڀاءُ جيان عزت ڪريان ٿو، مون اڃا اهڙو ڪو فيصلو ئي نه ڪيو آهي جو ڪنهن کي سٺو نه لڳي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀري ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي کيس گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو

سينيٽ چيئرمين مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا، جنهن بعد ، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي داتا دربار تي به حاضري ڀري،

ميڊيا سان ڳالهائيندي صادق سنجراڻي چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وڏي ڀاءُ جيان عزت ڪريان ٿو، مون اڃا اهڙو ڪو فيصلو ئي نه ڪيو آهي جو ڪنهن کي سٺو نه لڳي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*