سپريم ڪورٽ، پيمرا قانون لاءِ حڪومت پاران قائم ڪيل ڪميٽي مان اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب جو نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

mariyam

سپريم ڪورٽ، پيمرا قانون لاءِ حڪومت پاران قائم ڪيل ڪميٽي مان اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب جو نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته مريم اورنگزيب اڄڪلهه بيان ڏيڻ ۾ مصروف آهي، ان وٽ ڪميٽي لاءِ وقت ناهي. نااهلي ڪيس بعد نعرا هنيا ويا، عورتن کي ڍال طور سامهون آندو ويو، کين غيرت هجي ها ته پاڻ سامهون اچن ها.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ميڊيا ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل راڻا وقار عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وزيراعظم جي منظوري بعد ڪميشن جوڙي وئي آهي. جنهن ۾ صحافي ۽ پي بي اي جي چيئرمين کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميشن چيئرمين پيمرا جي ٽن ميمبرن جي پينل جي چونڊ ڪندو.

ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ڪم ٿيندي ٿيندي ته وقت لڳي ويندو، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهو ڪم ٽن هفتن اندر ٿي ويندو.

عدالت پيمرا چيئرمين جي چونڊ لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙيندي سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب کي ڪميٽي مان ڪڍي اطلاعات واري سيڪريٽري کي شامل ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته مريم اورنگزيب بيان ڏيڻ ۾ مصروف هوندي، جنهن سبب سندس لاءِ ڪميٽي لاءِ وقت ڪڍڻ ممڪن نه هوندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ عدالت ٻاهران نعرا هنيا ويا، جڏهن اسان آرٽيڪل 62 ون ايف جو فيصلو ٻڌايو، ته عدليا مرده باد جا نعرا هنيا ويا.

چيف جسٽس چيو ته انهيءَ فيصلي بعد عورتن کي ڍال طور سامهون آندو ويو، کين غيرت هجي ها ته پاڻ سامهون اچن ها.

جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺي رهيا آهيون، ڪنهن شينهن کي مان نٿو سڃاڻيان. جج ئي رڳو منهنجي لاءِ شينهن آهن.

جسٽس شيخ عظمت سعيد  ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڳالهه وڌي وئي آهي، ميڊيا جي آزادي عدليا سان مشروط آهي،

چيف جسٽس چيو ته عدليا ڪمزور هوندي ته ميڊيا به ڪمزور هوندي، جيڪڏهن اسان جي ڳالهه درست نه آهي ته پوءِ ڳالهائڻ به بند ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته قانون سازن کي قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ تجويزون نٿيون ڏئي سگهجن. آرٽيڪل 5 ۽ 6، آئين جي آرٽيڪل 19 سان هڪ جهڙائي نٿا رکن.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت کي ڪو به خوف نه آهي، حڪومت جو پيمرا تان ڪنٽرول ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، پيمرا آزاد ادارو هئڻ گهرجي،

عدالت ميڊيا ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن  لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*