فيصل آباد ويجهو گهر کي باهه لڳڻ سبب پيرسن پيءُ پنهنجي نوجوان ڌيءُ سميت سڙي فوت ٿي ويو، 5 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا

FireFighter-Day-4517

فيصل آباد ويجهو گهر کي باهه لڳڻ سبب  پيرسن پيءُ پنهنجي  نوجوان ڌيءُ سميت سڙي فوت ٿي ويو، 5  ڄڻا سڙي  زخمي ٿي پيا.

جڙانوالا روڊ جي  علائقي عبدالله پور  ۾ هڪ پورهيت جي گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه سبب 2 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ 60 ورهين جي غلام صادق ۽ سندس 21 سالن جي ڌيءُ زينت طور ٿي.

باهه سبب  5 گهر ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، گهر ۾ پيل الهه تلهه به سڙي رک ٿي ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*