لاهور هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز سميت 16 حڪومتي شخصيتن جي عدليا مخالف تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

Lahore-High-Court-81116

لاهور هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز سميت 16 حڪومتي شخصيتن جي عدليا مخالف تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، عدالت پيمرا کي 15 ڏينهن تائين پابندي تي عمل کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز سميت 16 حڪومتي شخصيتن خلاف توهين عدالت جي 20 کان درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل شخص پاناما ڪيس سميت ٻين ڪيسن ۾ عدليا خلاف تقريرون ڪري رهيا آهن ۽ سڌي ريت ججن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جيڪي سڌي ريت نشر ڪيون پيون وڃن، جيڪي توهين عدالت آهن.

درخواستگذار، تقريرن جي بنياد تي نوازشريف سميت ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪندي چيو ته پيمرا کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي تي ٻڌل 3 رڪني فل بينچ درخواستن تي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ پيمرا کي 15 ڏينهن ۾ درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پيمرا 15 ڏينهن ۾ پاڻ فيصلو ڪري اهڙين تقريرن کي نشر ڪيو وڃي يا نه؟

لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته 15 ڏينهن دوران عدالت تي ٻڌل ڪو به مواد ٽي وي چينلز تي نشر نه ٿئي.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ سميت 16 نواز ليگ اڳواڻن جي تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

واضح رهي ته درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ جوڙيل فل بينچ 3 ڀيرا ٽٽي وئي هئي، جنهن ۾ ججز ذاتي سبب ڄاڻي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪيو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*