لاهور ۾ تيز رفتار ڊمپر جي بس کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

lahore road hadso

لاهور ۾ تيز رفتار ڊمپر جي بس کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رائيونڊ روڊ تي تيز رفتار ڊمپر ۽ بس وچ ۾ ٽڪر ٿيو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 20 مسافر زخمي ٿي پيا.

حادثي جي نتيجي ۾ ڊمپر ڊرائيور جي ڪنٽرول ۾ نڪرندي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد ڪريم نالي شخص فوت ٿي ويو.

حادثي بعد بس ۽ ڊمپر جا ڊرائيور موقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*