لاهور ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي گهر ٻاهران اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني

aijaz ul hassan

لاهور ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي گهر ٻاهران اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کي طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن جي لاهور واري رهائش گاهه تي گذريل رات ۽ اڄ صبح فائرنگ ڪئي وئي.

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار اطلاع ملندي ئي  اعجاز الاحسن جي گهر پهچي ويو ۽ اءِ جي پنجاب کي طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار سڄي صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي.

واضح رهي ته جسٽس اعجاز الاحسن پناما بئنچ ۽ تازو نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ واري بئنچ ۾ شامل رهيو،

جي آءِ ٽي جي سفارش تي هلندڙ نيب ريفرنسز جو مانيٽرنگ جج به جسٽس اعجاز الاحسن آهي، نواز ليگ قيادت جسٽس اعجاز الاحسن جي ريمارڪس تي اعتراض به واريندي رهي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*