لاڙڪاڻي جي پي سي بي گرائونڊ تي ٽي20 ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان اسٽارز جي ٽيم لاڙڪاڻو اسٽارز کي شڪست ڏئي ڇڏي

larana match

لاڙڪاڻي جي پي سي بي گرائونڊ تي ٽي20 ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان اسٽارز جي ٽيم لاڙڪاڻو اسٽارز کي شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان اسٽارز جي ڪپتان عبدالرزاق ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پي سي بي گرائونڊ تي کيڏيل ٽي20 ميچ ۾ پاڪستان اسٽارز ٽيم 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنز ٺاهيا، جڏهن ته جواب ۾ لاڙڪاڻو اسٽارز جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنز ٺاهي سگهي.

پاڪستان اسٽارز ٽيم ۾ ناليوارا رانديگر عبدالرزاق، ڪامران اڪمل، عمر اڪمل، محمد عرفان، سلمان بٽ، ذوالفقار بابر، آصف علي ۽ ٻيا شامل رهيا.

ٽي20 ميچ ۾ پاڪستان اسٽارز جي ڪپتاني عبدالرزاق جڏهن ته لاڙڪاڻو اسٽارز جي ڪپتاني ڪرنل محمد عاصم ڪئي.

ميچ ڏسڻ لاءِ ڪرڪيٽ جي ديوانن جو وڏو انگ گرائونڊ پهتو، جڏهن ته ميچ جي حوالي سان سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*