لاڙڪاڻي جي پي سي بي گرائونڊ تي پاڪستان اسٽارز ۽ لاڙڪاڻو اسٽارز وچ ۾ ٽي20 جو دنگل ڪجهه دير ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي

larkana match

لاڙڪاڻي جي پي سي بي گرائونڊ تي پاڪستان اسٽارز ۽ لاڙڪاڻو اسٽارز وچ ۾ ٽي20 جو دنگل ڪجهه دير ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي، ميچ ۾ ناليوارا رانديگر عبدالرزاق، ڪامران اڪمل، عمر اڪمل، محمد عرفان، سلمان بٽ، ذوالفقار بابر، آصف علي ۽ ٻيا حصو وٺي رهيا آهن.

اڄ لاڙڪاڻي جي پي سي بي گرائونڊ تي پاڪستان اسٽارز ۽ لاڙڪاڻو اسٽارز وچ ۾ ٽي20 جو دنگل ٿيندو.

ٽي20 دنگل ۾ پاڪستان اسٽارز جي ڪپتاني عبدالرزاق جڏهن ته لاڙڪاڻو اسٽارز جي ڪپتاني ڪرنل محمد عاصم ڪندو.

پاڪستان اسٽارز ٽيم ۾ ناليوارا رانديگر ڪامران اڪمل، عمر اڪمل، محمد عرفان، سلمان بٽ، ذوالفقار بابر، آصف علي ۽ ٻيا شامل آهن.

ميچ ڏسڻ لاءِ ڪرڪيٽ جا ديوانا گرائونڊ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته سڪيورٽي جا به انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*