لکي غلام شاھ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪري لاش گم ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي

luky gulam shah

لکي غلام شاھ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪري لاش گم ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته عورت جو لاش به اڃان تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.

ڳوٺ فضلي ڪمالاڻي ۾ڪارنهن جي الزام هيٺ عورت اميران جتوئي کي قتل ڪري لاش گم ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس حد جي رستم ٿاڻي تي عورت جي مڙس گولو ۽ ڏير آدم ڪمالاڻي جتوئي سميت 4 جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

رستم پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي.

جڏهن ته عورت جو لاش هٿ ڪرڻ لاءِ به اڃان تائين ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.ايس ايڇ او رستم جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي  گرفتار ڪري  لاش هٿ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، نامزد جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*