مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي

shahbaz sharif and chaudhry nisar

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهبازشريف سندس خدشن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي پارٽي اڳواڻن کي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. جيڪا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي.

ملاقات دوران شهبازشريف ۽ چوڌري نثار ڪراچي ۽ پشاور جي دورن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ملاقات ۾ پارٽي کي مضبوط بڻائڻ، ايندڙ چونڊن ۽ پارٽي ڇڏيندڙ ڪارڪنن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران چوڌري نثار پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، شهبازشريف سندس خدشن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

واضح رهي ته شهبازشريف ۽ چوڌري نثار وچ ۾ هڪ هفتي وچ ۾ ٽئين ملاقات ٿي اهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*