ملتان ويجهو گذريل ڏينهن ڇوڪري سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويندڙ نوجوان تي ڇوڪريءَ جي وارثن پاران وحشياڻو تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

Multan

ملتان ويجهو گذريل ڏينهن ڇوڪري سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويندڙ نوجوان تي ڇوڪريءَ جي وارثن پاران وحشياڻو تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڇوڪري جو پيءُ ۽ ڀائر   نوجوان کي ٻڌي مٿس تشدد ڪندي نظر اچن ٿا،پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته  رسول پور جو مقامي زميندار ۽ سندس پٽ نوجوان الهڏتو کي پنهنجي واڙي تي رسن سان ٻڌي، مٿس  ڏنڊن جو وسڪارو ڪن ٿا  ۽ سندس  تذليل ڪن ٿا.

 علائقي واسين موجب نوجوان  ڇوڪري جي گهر ويو ته ڇوڪري جي پيءُ  ۽ ڀائرن  کيس تشدد جو نشانو بڻايو.

سوسل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*