نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته جج جي گهر تي ڪنهن فائرنگ ڪري ڪريل حرڪت ڪئي آهي

cap safdar

نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته جج جي گهر تي ڪنهن فائرنگ ڪري ڪريل حرڪت ڪئي آهي، اسين عدالتن جو تمام گهڻو احترام ڪندا آهيون، اسين انهن خلاف آهيون، جيڪي آئين ڦاڙي اڇلائن ٿا، هڪ خانگي ٽي وي چينل الزام اسان تي هڻڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي.

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئپٽن صفدر چيو ته جج جي گهر تي ڪنهن فائرنگ ڪري ڪِريل حرڪت ڪئي آهي، هو نه رڳو جج آهي ۽ عدالتون به پاڪستان جي امانت آهن.

هن چيو ته اسين عدالتن جو تمام گهڻو احترام ڪريون ٿا، انهن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اسين آئين ٺاهيون ٿا ته اهي ان جي تشريح ڪن ٿا،اسين آئين تي فائر نٿا ڪري سگهون.

هن چيو ته هڪ نجي چينل فائرنگ جو الزام اسان تي هڻڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي، اسان انهن خلاف آهيون، جيڪي آئين ڦاڙي اڇلائي ڇڏين ٿا.

ڪئپٽن صفدر چيو ته موسم جي خرابي سبب فلائيٽ نه اچي سگهي، جنهن جي ڪري ميان صاحب وارا نه آيا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*