نيب چيئرمين جي هدايت تي نيب جي 85 آفيسرز خلاف ڪارروائي شروع، 23 آفيسرز کي معطل ۽ 32 آفيسرز کي مختلف سزائون ڏنيون ويون آهن

Nab-21916

نيب چيئرمين جي هدايت تي نيب جي 85 آفيسرز خلاف ڪارروائي شروع، 23 آفيسرز کي معطل ۽ 32 آفيسرز  کي مختلف سزائون ڏنيون ويون آهن.

 نيب ترجمان موجب نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي هدايت تي نيب ۾ ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تحت 85 آفيسرز خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.

 ترجمان موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر لاهور رمضان ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر ڪاشف ممتاز سميت 23 آفيسرز کي معطل ڪيو ويو آهي، جن کي ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ۽ لاپرواهي ڪرڻ تي هٽايو ويو آهي.

   ترجمان موجب عهدي تان هٽايل آفيسرز خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ کين موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*